Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 10:7
12 Iomraidhean Croise  

اها پوشاڪ تون پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پارائج. انهن کي مسح ڪري مخصوص ڪج تہ جيئن هو وقف ٿي منهنجي حضور ۾ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.


پوءِ مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي، سندس مٿي ۾ وجھي کيس مخصوص ڪج.


پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.


خداوند هارون کي فرمايو تہ


هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.


هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجھہ هارون جي مٿي تي پئٽيو ۽ کيس مسح ڪيائين تہ جيئن هو مخصوص ٿئي.


ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪر.“


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan