Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 10:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 10:3
46 Iomraidhean Croise  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


پر ايوب چيس تہ ”اي بي‌وقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تان‌تہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


اي خداوند! تون مون کان پنهنجي آفت پري ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي هٿ جي چوٽ کان آءٌ تباهہ ٿيندو ٿو وڃان.


مون ڄاتو ٿي تہ جيڪي بہ ٿيو آهي سو تو ئي ڪيو آهي، سو آءٌ گونگو بڻيل آهيان ۽ ڪا شڪايت نہ ٿو ڪريان.


خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“


اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آس‌پاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين.


اي خداوند! تنهنجا قاعدا قانون بلڪل پڪا پختا آهن. بيشڪ هميشہ هميشہ لاءِ پاڪيزگي ئي تنهنجي هيڪل جو شان آهي.


آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


مذهبي اڳواڻ بہ، جيڪي مون وٽ اچن ٿا سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ. پر مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو حد اورانگھي مون وٽ مٿي نہ اچن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“


پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ”خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.


هن مون کي فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين. تنهنجي ڪري ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪندا.“


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان.


تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي.


جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بي‌آبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“


هارون لاءِ هي فرمايو تہ ”تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جيڪڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي تہ اهو مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي.


مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو جسماني عيب هجي، سو مون خدا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي.


هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي.


تنهنڪري منهنجي قوم ڪاهن کي مخصوص ٿيل ڪري ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جي طرفان مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪري ٿو. سو انهيءَ کي اهي مخصوص ٿيل سمجھن، ڇو تہ آءٌ خداوند جيڪو کين پاڪ ٿو ڪريان سو پاڪ آهيان.


سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان.


اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


سو اي بابا! تون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪر.“ تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“


تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“


تڏهن بيت‌شمس جا ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي آڏو بيهي سگھندو؟ اسين پاڻ وٽان کيس ڪيڏانهن ٿا موڪلي سگھون؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan