Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇا‌ڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 10:16
12 Iomraidhean Croise  

ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن


انهيءَ ۾ خمير گڏي نہ پچايو وڃي. مون پنهنجين ساڙيون ويندڙ قربانين مان بچائي اهو سندن حصي طور کين ڏنو آهي ۽ اهو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وانگر مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي.


پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“


پوءِ هارون قوم جون قربانيون پيش ڪيون. انهيءَ لاءِ هن اهو ٻڪر جيڪو قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني لاءِ آندو ويو هو سو آڻي ذبح ڪيو. هن اهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وانگر پيش ڪيو.


بني اسرائيل کي بہ چئُہ تہ هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گابو ۽ هڪڙو گھيٽو آڻين. اهي ٻئي بي‌عيب ۽ هڪسالا هجن.


ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan