Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 10:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اها اوهين رڳو مخصوص جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جيئن تہ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 10:13
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.


اهو حصو مون لاءِ ئي مخصوص آهي سو اهو رڳو مرد ئي کائين. انهيءَ حصي کي پاڪ سمجھہ.


هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ، جيڪا هو ڪاهن کي ڏيندو سا سندس ئي ٿيندي.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan