Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 1:13
15 Iomraidhean Croise  

قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


هن ڏهہ ننڍا حوض بہ ٺهرايا، جن مان پنج هيڪل جي ساڄي پاسي رکيائين ۽ پنج کاٻي پاسي. انهن ۾ جانورن جا ساڙڻ وارين قربانين جا حصا ڌوتا ويندا هئا. پر اهو وڏو حوض ڪاهنن جي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هو.


اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا.


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي.


پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربان‌گاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


اوهين مون خداوند جي لاءِ رڍن ٻڪرين يا ڍورن ڍڳن منجھان منهنجي واسطي وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قرباني ڪريو، يا باسيل قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر عيدن تي قرباني ڪريو يا ڪا ٻي ساڙي ويندڙ قرباني ڪريو،


تڏهن جيڪو مون خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري سو هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي.


”اوهين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


اُتي اوهين پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين جو گوشت ۽ رت، خداوند پنهنجي خدا جي قربان‌گاهہ تي پيش ڪجو. اوهان جي ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت پڻ خداوند اوهان جي خدا جي قربان‌گاهہ تي پئٽيو ويندو، باقي انهن جو گوشت اوهين ڀلي کائجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan