Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي مان موسيٰ کي سڏي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 1:1
19 Iomraidhean Croise  

۽ هن انهيءَ تي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني ۽ اناج جي قرباني پيش ڪئي، مٿس اوتڻ واري قرباني پئٽيائين ۽ سلامتيءَ واري قربانيءَ جو رت ڇٽڪاريائين.


جيڪي ساڙڻ واريون قربانيون ماڻهن خداوند جي لاءِ پيش ڪيون، تن جو تعداد ستر ڍڳا، هڪ سؤ گھٽا ۽ ٻہ سؤ گھيٽا هو.


پوءِ موسيٰ خدا سان ملڻ لاءِ مٿي جبل تي چڙهي ويو. خداوند جبل تان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ ”تون يعقوب جي خاندان يعني بني اسرائيل کي هيئن چئُہ تہ


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“


اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“


اها ساڙڻ واري قرباني اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ٿيندي، جيڪا مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ مون خداوند جي آڏو ڪئي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان ڳالهائيندس ۽ اوهان سان گڏبو رهندس.


جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


موسيٰ تنبو کڻائي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو.


اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.


انهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهيءَ ڏينهن حڪم ڏنو هو جنهن ڏينهن موسيٰ سينا جي بيابان ۾ بني اسرائيل کي چيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ پنهنجيون قربانيون پيش ڪن.


انهيءَ کان پوءِ هن ساڙڻ واري قربانيءَ جو گابو ۽ گھيٽو اڳيان آندو ۽ قاعدي موجب انهن کي قربان ڪيائين.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


اها قربان‌گاهہ اوهين اڻ‌گھڙيل پٿرن سان ٺاهجو. پوءِ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan