9 بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.
9 بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.
پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.
هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘
ياد رکو، جنهن جنگ کان اوهين ڊڄو ٿا سا اتي اوهان تي اچي ڪڙڪندي ۽ جنهن ڏڪار کان اوهين خوفزدہ آهيو سو مصر ۾ بہ اوهان جو پيڇو ڪندو ۽ اوهين اتي ئي مري کپي ويندا.
هڪڙي ڏينهن خداوند جو ملائڪ عفرہ ڳوٺ ۾ آيو ۽ يوآس ابيعزريءَ واري شاهہبلوط وڻ هيٺ ويهي رهيو. اتي يوآس جو پٽ جِدعون انهيءَ وقت انگورن جي چيچڙي ۾ مديانين کان لڪي ڪڻڪ پئي ڳاهي.