Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 5:7
15 Iomraidhean Croise  

هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“


سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بي‌اولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


جيڪي ماڻهو مون کي هينئر ڏسن ٿا، سي منهنجي موت بعد مون کي وري نہ ڏسندا. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس جو جڏهن خدا مون ڏانهن نهاريندو، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون، بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي سجدا ڪري کين پوڄيائون. اهڙيءَ طرح هنن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي شريعت تي نہ هليا.


اوهان تہ وري پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ ليڪو لنگھي ويا آهيو. ڏسو تہ اوهين ڪيئن نہ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ بدران پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي ٿا هلو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


انهن ڏينهن ۾ ماڻهو وري ائين نہ چوندا تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا.‘


سو تو کي پنهنجي بدڪارين ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا ضرور ملندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟


اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟


’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan