اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.
هائو، اي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ وارؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ دنيا جي بدڪار ماڻهن هٿان آءٌ اوهان کي لُٽائي ڦرائي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي دولت ڌارين کي مالِغنيمت طور ڏيئي ڇڏيندس، جنهن جي ڪري اها ناپاڪ ٿي ويندي.
تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.
پر انهن جي دولت لٽجي ويندي، ۽ سندن گھر ويران ڪيا ويندا. هائو، هو گھر تہ ٺهرائين ٿا پر انهن منجھہ رهندا ڪونہ. اهي انگورن جا باغ تہ لڳائين ٿا، پر انهن جو رس پيئندا ڪونہ.“