ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تانتہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.
اوهين جنهن ڇوڪريءَ سان مڱڻو ڪندا، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو. اوهين گھر جوڙيندا پر انهيءَ ۾ رهندا ڪين. اوهين انگورن جو باغ لڳائيندا پر انهيءَ جي ميوي جو مزو نہ چکندا.