زاريون 5:1 - Muslim Sindhi Bible1 اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي. Faic an caibideilSindhi Bible1 اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس. Faic an caibideil |
جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“