Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 4:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يروشلم جا اڳواڻ برف کان وڌيڪ شفاف، ۽ کير کان وڌيڪ اڇا هئا. سندن بدن لعلن کان وڌيڪ ڳاڙها هئا، ۽ هو نيلم کان وڌيڪ تجليدار هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 اُن جا شريف ماڻهو برف کان صاف هئا، اُهي کير کان اڇا هئا، اُهي جسم ۾ لعلن کان ڳاڙها هئا، انهن جو تجلو نيلم جهڙو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 4:7
15 Iomraidhean Croise  

نج سون سان بہ ان جو ملهہ نہ ٿو ڪٿي سگھجي، نڪي قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.


انهيءَ سان گڏ مرجان ۽ بلور جو ذڪر بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. هائو، ڏاهپ جي ٿيلهي هيرن جواهرن جي ٿيلهيءَ کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.


شال اسان جا پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ وڌندڙ وڻن جيان ٿين! شال اسان جون ڌيئرون انهن نقشدار ٿنڀن جيان ٿين، جيڪي هيڪل ۾ لڳل آهن!


مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.


منهنجو محبوب حسين ۽ صحتمند آهي. هو لکن ۾ هڪڙو آهي.


هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي انهن ٿنڀن جهڙيون آهن، جيڪي خالص سون جي پاون مٿان هجن. هو اهڙو تہ شاندار آهي جهڙا لبنان جا جبل. هائو، هو ديال جي وڻن جيان بي مثال آهي.


انهن ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن جون شڪليون وڌيڪ رونقدار ۽ سندن بدن وڌيڪ صحتمند ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن نوجوانن جي جن شاهي طعام پئي کاڌا.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“


مون کي رڳو ايترو چيائين تہ ’تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. سو هاڻي تون ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کائج، ڇوجو اهو ٻار ماءُ جي پيٽ کان ئي مرڻ تائين خدا جو ناذير ٿيندو.‘“


تڏهن سمسون کيس دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي تہ ”منهنجي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڄائي ڄم کان آءٌ خدا جو ناذير آهيان. سو جيڪڏهن منهنجا وار ڪوڙيا ويندا تہ منهنجي طاقت مون مان نڪري ويندي ۽ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan