Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 4:10
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي


اوهان جي شهر ۾ ڇو خوشيءَ جا نعرا، گوڙ شور ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي، جڏهن تہ جنگ ۾ اوهان جا قتل ٿيل ماڻهو، وڙهيا ئي ڪين هئا تہ بہ مارجي ويا.


سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.


آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘


آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بي‌هوش پيا آهن.


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.


بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.


هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.


اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan