8 توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي.
8 هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.
ڏسو، آءٌ انهيءَ ظلم جي خلاف پڪاريان پيو، پر منهنجي ٻڌي نہ ٿي وڃي، هائو، آءٌ مدد لاءِ روئان رڙان پيو، پر مون سان انصاف نہ ٿو ٿئي.
اي خدا! آءٌ تو کي رڙيون ڪري ٿو پڪاريان، پر تون ڪو جواب نہ ٿو ڏين. آءٌ تو آڏو دعا گھرندي ٻاڏايان ٿو، پر تون مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.
اي منهنجا خدا! آءٌ ڏينهن رات تو کي پڪاريندو ٿو رهان، پر تون منهنجي دانهن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.
اي خداوند قادرِمطلق خدا! تون ڪيستائين پنهنجي قوم جي دعائن کان ناراض رهندين!
تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو.
تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن.
اي خداوند! ڪيستائين آءٌ مدد لاءِ تو کي سڏيندو رهندس، تون تہ ٻڌين ئي ڪونہ ٿو؟ ڪيستائين آءٌ تو آڏو ”ظلم، ظلم“ پڪاريندو رهندس، تون تہ بچائين ئي ڪونہ ٿو؟
ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي.