53 هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو.
53 هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.
سو مون کي ان قيدخاني جي تهہخاني ۾ رکيو ويو، جتي آءٌ گھڻو عرصو رهيس.
پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“
سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.
”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“
پوءِ هڪڙو پٿر آڻي ڏر جي منهن تي رکيو ويو، جنهن تي بادشاهہ ۽ سندس اميرن پنهنجي پنهنجي مُهر هنئي، انهيءَ لاءِ تہ دانيال کي ڪوبہ ڇڏائي نہ سگھي.
تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.
تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ
کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.
پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.