5 هن مون تي حملو ڪري مون کي سخت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
5 هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.
خدا منهنجي راهہ ۾ اهڙو لوڙهو هڻي ڇڏيو آهي، جو آءٌ لنگھي نہ ٿو سگھان. هن منهنجي رستن کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.
هنن مون کي کائڻ جي لاءِ ٽُوهہ جو ڦل ڏنو هو، ۽ جڏهن آءٌ اڃايل هئس تہ مون کي سرڪو پيئاريو هئائون.
تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“
تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.
سو ڏس تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا ڇا ڪرڻ وارو آهيان. آءٌ هن قوم کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس.
پنهنجي مشڪلاتن ۽ بيگھر هجڻ تي سوچڻ سان ايترو تہ ڏک ٿو ٿئي جو ڄڻ تہ آءٌ زهريلو پاڻي ٿو پيئان.
”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.