44 تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن.
44 تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.
اي خداوند قادرِمطلق خدا! تون ڪيستائين پنهنجي قوم جي دعائن کان ناراض رهندين!
تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي.
هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گھر.
پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.
آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.
توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي.
تڏهن مون قادرمطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘