41 اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ
41 اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.
”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،
اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.
شال منهنجو هٿ بلند ڪري دعا گھرڻ ائين قبول پوي، جيئن لوبان ساڙڻ يا شام جي پيش ڪيل قرباني تو وٽ قبول پوي ٿي.
اي خداوند! آءٌ تنهنجي بندگي ڪندو رهان ٿو.
آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن هٿ کڻي تو کي پڪاريان ٿو، منهنجي منٿ ٻڌي تون منهنجي مدد ڪر.
جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تو کي سڳورو چوندو رهندس. تنهنجو نالو وٺي دعا لاءِ پنهنجا هٿڙا پيو کڻندس.
اي پروردگار! پنهنجي هن ٻانهي کي خوشي عطا ڪر، آءٌ پنهنجي بچاءَ لاءِ التجائون تو آڏو ئي ٿو رکان.
آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ چاهت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.