4 خدا منهنجي بدن جو ماس ۽ چمڙي ڳاري ڇڏيا آهن، ۽ منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا اٿس.
4 منهنجو گوشت ۽ منهنجي کل هن خشڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ هن منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.
منهنجي کل ڪاري ٿي ويئي آهي ۽ جسم تان لهيو ٿي پوي. منهنجي سڄي جان بخار ۾ پيئي ٻري.
آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.
اي خداوند! مون بہ جيستائين تو آڏو پنهنجيون خطائون نہ باسيون، تيستائين سڄو سڄو ڏينهن دانهون ڪندي آءٌ ايترو تہ ڪمزور ٿي ويس، جو ڄڻ منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون.
مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تانتہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.
سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.
بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.