3 آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو.
3 يقيناً سڄو ڏينهن هو پنهنجو هٿ وري وري مون تي ڦيرائي ٿو.
آءٌ آرام ۾ هئس، پر خدا مون کي چٿي ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي ڳچيءَ کان پڪڙي اڇلائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو آهي. هن مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي،
اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.
مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي.
قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.
تنهنجي تيرن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي هٿ مون کي هيٺ ڪيرائي وڌو آهي.
آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.
تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.
ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.