Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 خدا مون کي خاڪ ۾ ليٿڙايو آهي، بلڪ پٿريلي زمين تي منهن ڀر اڇلائي ڇڏيو اٿس جنهن ڪري منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 هن ڪنڪريءَ جي پٿرن سان منهنجا ڏند ڀڃي وڌا آهن، هن مون کي رک سان ڍڪي ڇڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 3:16
10 Iomraidhean Croise  

سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.


جيتوڻيڪ اهي ببر شينهن وانگر گجگوڙ ۽ گجڪار ٿا ڪن، مگر خدا انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي ٿو، هائو، هو انهن جا ڏند ڀڃي کين بي‌وس بڻائي ٿو ڇڏي.


تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر.


ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل کاڌو انسان کي مزيدار تہ لڳي ٿو، مگر بعد ۾ انهيءَ جو وات ڄڻ تہ واريءَ سان ڀريل آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار ماني گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟


ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan