10 هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي، هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري مون تي حملو ڪيو.
10 هو منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو لڪي ويٺل رڇ، ۽ ڳجهين جاين ۾ شينهن.
هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.
جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.
اُهي انهيءَ بگھڙ جيان آهن جيڪو چير ڦاڙ جو ڪوڏيو هجي. هائو، اُهي انهيءَ وحشي بگھڙ جيان آهن، جيڪو شڪار لاءِ ڳجھي هنڌ ڇپ هڻي ٿو ويهي.
سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.
هن مون کي منهنجي راهہ تان گهلي چيري ڦاڙي ڇڏي ڏنو آهي.
منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي. هائو، خدا وڏا وڏا پٿر رکي منهنجيون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.
آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.
اچو تہ خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.