Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:9
27 Iomraidhean Croise  

صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو.


جيئن تہ بني اسرائيل گھڻي عرصي تائين حقيقي خدا، تعليم ڏيندڙ ڪاهنن ۽ شريعت کان سواءِ پئي رهيا،


انهن مون کي ٻڌايو تہ ”جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا، سي ڏاڍي ڏک ۽ ذلت ۾ آهن. يروشلم جون ڀتيون اڃا ڀڳل آهن ۽ سندس دروازا اڃا سڙيل آهن.“


اسين تنهنجي ڪابہ نشاني ڪين ٿا ڏسون، نڪي اسان وٽ ڪو نبي بچيو آهي. اسان جو هي حال ڪيستائين رهندو؟ اهو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.


هنن صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي شهر جي ڀت ڀڃي وڌي.


بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون.


وسنديءَ جي سڀني ماڻهن يعني يهوداہ وارن قبضي هيٺ اچي ڪري ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ پوءِ جلاوطن ڪيا ويا آهن. هو غير قومن منجھہ ڏکي زندگي پيا گھارين، ۽ کين ڪو اهڙو گھر نہ ٿو ملي جتي هو آرام سان رهي سگھن. هر طرف کين دشمن ئي دشمن نظر پيا اچن، ۽ اتان ڀڄي نڪرڻ جو کين ڪو رستو ئي نہ ٿو ملي.


يروشلم وارن رڙيون ڪري کين چيو ٿي تہ ”پري ٿيو، اي پليتؤ! پري ٿيو. اسان کي هٿ نہ لايو، اوهين ناپاڪ آهيو.“ پوءِ اهي اتان نڪري ڪري مختلف قومن ۾ رلندا رهن ٿا، ڇالاجو ڪوبہ ماڻهو کين پاڻ وٽ رهڻ نہ ٿو ڏئي.


اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


آءٌ پنهنجو ڄار مٿس اڇلائي کيس ڦندي ۾ ڦاسائيندس. آءٌ کيس گهلي بابل ۾ وٺي ايندس ۽ اتي سزا ڏيندومانس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان بي‌وفائي ڪئي.


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي، ۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا. سندن نافرمانين جي ڪري تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيت‌عدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا.


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan