Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:7
31 Iomraidhean Croise  

هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


تو پنهنجي ٻانهي سان ٻڌل عهد کي منسوخ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي تاج کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي.


سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.


”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.


”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.


مون وري نهاريو، ڇا ڏسان تہ سرسبز ٻنيون بيابان لڳيون پيون آهن، ۽ ان ملڪ جا سمورا شهر خداوند جي سخت غضب ڪري ڊهي ڍير ٿيا پيا آهن.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan