زاريون 2:6 - Muslim Sindhi Bible6 هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي، تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو، جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي. تنهنڪري پياري صيئون ۾ عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن. هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان، بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس. Faic an caibideil |
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘