Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو. هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:4
38 Iomraidhean Croise  

”اوهين وڃي منهنجي لاءِ ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ هن لڌل ڪتاب ۾ جيڪي ڪجھہ لکيل آهي تنهن بابت خداوند کان پڇا ڪريو. اسان تي خداوند جو تمام گھڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي، ڇوجو اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب ۾ لکيل خداوند جي فرمان کي نہ مڃيندي ان جي سڀني ڳالهين تي عمل نہ ڪيو.“


انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.


هن مون تي پنهنجو اهڙو غضب نازل ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ آءٌ سندس دشمنن ۾ شامل آهيان.


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


بدڪارن تلوارون ڪڍيون آهن، ۽ تيرڪمان پڻ ڇڪيا اٿائون، تان‌تہ غريب ۽ محتاج ماڻهن کي ڪيرائي وجھن، ۽ سڌي رستي تي هلڻ وارن کي قتل ڪري ڇڏين.


هو پنهنجي تيرن کي باهہ جا شعلا بڻائي ڇڏيندو. هائو، هو بدڪارن لاءِ موت جا هٿيار تيار ڪندو.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


آءٌ پاڻ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ۽ غصي، جوش ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ تو سان وڙهندس.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو.


آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


منهنجو قهر تڏهن نازل ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي قومن منجھان ڪڍي ايندس. هائو، جن ملڪن ۾ اوهين ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا، اتان آڻي اوهان کي گڏ ڪندس.


جيئن چاندي کوري ۾ پگھرندي آهي تيئن اوهين بہ يروشلم ۾ پگھري ويندا. تڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مون خداوند اوهان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.‘“


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’اي حزقي‌ايل! ڏس، آءٌ هيڪل کي برباد ڪري ڇڏيندس. اها هيڪل جيڪا سندن سلامتيءَ جو سهارو، شان وَ شوڪت، دل جي پياري ۽ سندن فخر آهي. آءٌ انهن کان سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کسي وٺندس.


هنن انهيءَ ملڪ ۾ خونريزي ۽ بتن جي پوڄا ڪري ملڪ کي تمام گھڻو پليت ڪري ڇڏيو. تڏهن مون ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي قوم کي سزا ڏني.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.


جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي، ۽ سڀ هٿيار موجود آهن. پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


سموئيل چيس تہ ”مون کان ڇو ٿو پڇين، جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ خداوند تو کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجو دشمن بڻجي ويو آهي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan