Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پروردگار ايترو تہ شديد غضب ۾ هو، جو هن بني اسرائيل جي سڄيءَ طاقت کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيو. هائو، جڏهن مٿن دشمنن حملو ڪيو، تڏهن هن سندن ڪابہ مدد ڪانہ ڪئي. ڌڻيءَ ڀڙڪندڙ باهہ جيان، بني يعقوب کي چئني پاسن کان ساڙي رک ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:3
25 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.


مون روئندي رڙندي پنهنجي بدن تي کٿو ڍڪيو آهي، آءٌ شڪست کائي اچي مٽيءَ ۾ ڪريو آهيان.


اتي آءٌ دائود جي اولاد مان هڪ زورآور بادشاهہ کڙو ڪندس، ۽ پنهنجي انهيءَ مسح ڪري مخصوص ڪيل جو ڏيئو سدائين ٻريل رکندس.


تو پنهنجو هٿ اسان جي مدد کان ڇا جي ڪري روڪي ڇڏيو آهي؟ ڇو تون پنهنجو زورآور هٿ پنهنجي بغل ۾ لڪائي رکين ٿو؟


هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.


هائو، اوهين آسمان ڏانهن پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو، اوهين ڪڏهن بہ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.‘“


ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟


مون خدا جي وفا ۽ شفقت هميشہ انهيءَ ساڻ رهندي، هائو، منهنجي قدرت جي وسيلي هن جو ڳاٽ مٿاهون رهندو.


اي خداوند! ڪيستائين، ڇا ابد تائين منهن موڙي ڇڏيندين؟ تون ڪيستائين پنهنجي غضب کي باهہ جيان ڀڙڪائيندو رهندين؟


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي، ۽ سڀ هٿيار موجود آهن. پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


هائو، هن پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ هڪ سگھارو بچائيندڙ موڪليو آهي،


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan