Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:21
33 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


تنهنڪري قادرِمطلق خداوند فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ هنن کي اها سزا ڏيندس جو هنن جا جوان جنگ ۾ مرندا ۽ سندن ٻار ڏڪار سببان مرندا.


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


تنهنجي ذريعي مون مردن ۽ عورتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون پوڙهن توڙي جوانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.


مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.


تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس.


آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس. بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اوهان جا گناهہ اهڙا تہ ڪراهت جهڙا آهن جو آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ اوهان کي اوهان جي چال چلت موجب سزا ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن اوهان کي اها سزا ڏني آهي.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


انهيءَ ڏينهن حسين ڇوڪريون توڙي نوجوان ڇوڪرا خداوند جي فرمان جي اڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.


اي زڪرياہ! مون انهيءَ ڪري تو کي اهو ڌڻ چارڻ لاءِ چيو جو آءٌ خداوند هن ملڪ جي سڀني ماڻهن تي انهيءَ ڪسڻ واري ڌڻ وانگر ڪوبہ رحم نہ ڪندس. ڏس، آءٌ هر ڪنهن کي سندس هم‌قوم حڪمران جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو انهن تي ظلم ڪندو. آءٌ انهن کي سندس هٿان نہ ڇڏائيندس.“


اها اهڙي تہ خوفناڪ چهري واري قوم هوندي، جيڪا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي ۽ نہ جوان سان مروت.


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan