Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اهي ننڍڙا ٻار پنهنجي مائن کان کاڌو ۽ کير گھرن ٿا، پر نہ ملڻ ڪري اهي ساڻا ٿي ائين ڪري پيا آهن، جيئن ڪو زخمي سپاهي گھٽيءَ ۾ پيو هجي. اهڙيءَ طرح انهن ٻارڙن جو پنهنجي مائرن جي جھوليءَ ۾ آهستي آهستي ساهہ نڪريو ٿو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:12
9 Iomraidhean Croise  

”هاڻي تہ آءٌ مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهيان، مصيبت جي ڏينهن اچي مون کي ورايو آهي.


هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“


گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ پنهنجي تلوار سندس هٿ ۾ ڏيندس. پر فرعون جون ٻانهون آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، ايتري قدر جو هو پنهنجي دشمن جي اڳيان ائين دانهون ڪوڪون ڪندو جيئن ڪو زخمي مرڻ جي ويجھو هوندي دانهون ڪندو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan