Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بي‌هوش پيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:11
26 Iomraidhean Croise  

۽ سندس تيراندازن چوڌاري مون کي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تيرن سان هن منهنجيون بڪيون چيري ڇڏيون آهن، ۽ قياس نہ ڪيو اٿس. ايترو زخمي ڪيو اٿس جو منهنجو پتو بہ ڦاڙي وڌو اٿس.


منهنجا آنڊا ٿا جلن، انهن کي ڪو آرام ڪونهي. مون تي مصيبت جا ڏينهن اچي پيا آهن.


تنهنجي واعدي کي واجھائيندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ اچي پيو آهي. اي خداوند! تون ڪڏهن مون کي تسلي بخشيندين؟


آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ ڏکن ۾ آهيان. روڄ راڙي سبب منهنجيون اکيون ويهجي ويون آهن، ۽ سڄو جسم ڳري ويو اٿم.


آءٌ تمام نستو ۽ بلڪل ئي چيڀاٽيل آهيان. آءٌ پنهنجي دل جي بي‌چينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.


رنج سبب روئندي روئندي منهنجيون اکيون بہ ويهجي ويون آهن. دشمنن جي رنجائڻ جي ڪري اُهي هيڻيون ٿي ويون آهن.


دانهون ڪندي ڪندي آءٌ ٿڪجي پيو آهيان، ۽ نڙي بہ سُڪي ويئي اٿم. اي منهنجا خدا! تنهنجي راهہ ڏسندي ڏسندي منهنجيون اکيون بہ ضعيف ٿي ويون آهن.


اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“


آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


هاڻ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ ڇو اوهين پنهنجين جانين تي هيءَ وڏي مصيبت ٿا آڻيو، جنهن سبب اوهين مرد، عورتون، ٻار ۽ کير پياڪ ناس ٿي وڃو ۽ اوهان يهوداہ وارن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچي؟


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ روئان رڙان پيئي ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها بس ئي نہ ٿا ڪن. ڪوبہ اهڙو ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي، نڪي وري ڪو همتائڻ وارو ئي آهي. دشمنن مون تي فتح حاصل ڪري منهنجي رهاڪن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.


اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.


انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.


ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ عورتون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو ايترو تہ زور سان رنا، جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan