Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




زاريون 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بي‌حال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




زاريون 2:10
26 Iomraidhean Croise  

تڏهن تمر پنهنجي مٿي ۾ رک وڌي ۽ بدن تي پهريل خاص نقشيدار گھگھرو ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجا هٿ مٿي تي رکي، وڏي آواز سان روئندي رڙندي رستو وٺي هلي ويئي.


هو گھٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌيو پيا گھمن. هو سڀ پنهنجن گھرن جي ڇتين تي ۽ چونڪن ۾ واءِ‌ويلا ڪندي روئندا رڙندا ٿا وتن.


انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي اعليٰ عملدار واريون ڳالهيون ٻڌايائون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي وسندي! تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين، ۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي، سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ. هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو، بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ.


خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ، ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ.


تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن، تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري.


خداوند پنهنجي غضب وچان نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي. بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي، نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي.


جيڪي ڪڏهن عمدا طعام کائيندا هئا، سي هاڻي گھٽين ۾ بک پيا مرندا وتن. جيڪي عمدين پوشاڪن ۾ پلجي وڏا ٿيا، سي هاڻي گند جي ڍيرن مان ٽڪر ڳڀو پيا ڳولين.


اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي، ۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.


اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي.


اهي وڏي آواز سان تنهنجي اهڙي حال تي زاروزار روئي رهيا آهن. هنن پنهنجن مٿن ۾ خاڪ وڌي آهي، ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پيا پائين.


تنهنجي ڪري هنن وار ڪوڙايا آهن، ۽ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا اٿائون. هو تنهنجي ارمان ۾ درد وچان روئندي رڙندي تو لاءِ ڏاڍو ماتم ٿا ڪن.


سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.


تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.


انهيءَ ڏينهن حسين ڇوڪريون توڙي نوجوان ڇوڪرا خداوند جي فرمان جي اڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.


”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan