زاريون 2:1 - Muslim Sindhi Bible1 آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو. Faic an caibideilSindhi Bible1 خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس. Faic an caibideil |
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.