زاريون 1:15 - Muslim Sindhi Bible15 پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible15 خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي. Faic an caibideil |
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.