زاريون 1:10 - Muslim Sindhi Bible10 هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن. Faic an caibideilSindhi Bible10 دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين. Faic an caibideil |
پر منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم شهر ۾ جيڪو باقي بچيل سامان يعني پتل جا ٿنڀا، پتل جو حوض، پتل جون ريڙهيون ۽ ٻيو سامان، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي نہ ويو هو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اميرن کي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويو هو، تنهن سامان بابت آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ