Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:9
21 Iomraidhean Croise  

تنهن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو ڌارئي ملڪ جو ماڻهو جيڪو تنهنجي قوم بني اسرائيل مان ناهي، سو جڏهن تنهنجي عظيم نالي، تنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت جي هاڪ ٻڌي انهيءَ پرانهين ملڪ مان هتي اچي تنهنجي هن گھر ڏانهن هٿ کڻي دعا گھري،


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


هائو، اهي سڀ خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن جو ئي نالو سڀني کان سرفراز آهي. سندس عظمت زمين وَ آسمان کان بلند آهي.


شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.


مصر ملڪ جي ضعن علائقي ۾، هن اسان جي ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب وَ غريب ڪم ڪيا.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون، فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


ڏسو، جيڪي غير قومون اوهان کي ڪا اهميت نہ ڏينديون هيون، تن کي هاڻي اوهين سڏيندا تہ اهي مون خداوند اوهان جي خدا، يعني بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري اوهان وٽ ڊوڙنديون اينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي عظمت ۽ شان عطا ڪندس.“


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


هاڻي جيڪڏهن تون پنهنجيءَ قوم مان سڀني کي هڪ ئي وقت ماري ڇڏيندين تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي سي چونديون تہ


موسيٰ قادش مان ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ ”اسان بني اسرائيل جي قبيلن يعني اوهان جي عزيزن جو عرض آهي تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي اوهان کي خبر آهي.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.


جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا.


انهن سڀني شهرن سان اوهين ائين ئي ڪجو، جيڪي اوهان کان گھڻو پري آهن ۽ جن جو ويجھين ڪنعاني قومن سان واسطو نہ آهي.


۽ جيڪي هن اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر امورين جي ٻنهي بادشاهن سان ڪيو، يعني حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان جيڪو عستارات ۾ رهندو هو.


انهيءَ عهد ڪرڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ بني اسرائيل کي خبر پيئي تہ اهي تہ سندن پاڙيسري آهن ۽ سندن ويجھڙائيءَ ۾ ئي رهن ٿا.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan