Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ هو جِلجال واري خيمي‌گاهہ ۾ يشوع وٽ آيا ۽ هن کي ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون تہ ”اسين هڪڙي ڏورانهين ملڪ کان آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اسان سان عهد ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هو جلجال ۾ يشوع وٽ منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ هن کي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون، تہ اسين هڪڙي پرانهين ملڪ مان آيا آهيون: تنهنڪري اوهين اسان سان عهد ٻڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:6
9 Iomraidhean Croise  

تنهن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو ڌارئي ملڪ جو ماڻهو جيڪو تنهنجي قوم بني اسرائيل مان ناهي، سو جڏهن تنهنجي عظيم نالي، تنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت جي هاڪ ٻڌي انهيءَ پرانهين ملڪ مان هتي اچي تنهنجي هن گھر ڏانهن هٿ کڻي دعا گھري،


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان آيا هئا.“


پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيمي‌گاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو.


تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيمي‌گاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.


هنن پراڻيون ۽ چتيون لڳل جتيون پيرن ۾ پاتيون ۽ پراڻا ڪپڙا پهريائون. جيڪا ماني پاڻ سان هنن کنئي سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.


هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan