Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هنن پراڻيون ۽ چتيون لڳل جتيون پيرن ۾ پاتيون ۽ پراڻا ڪپڙا پهريائون. جيڪا ماني پاڻ سان هنن کنئي سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ پراڻيون ڳنڍيل جُتيون پيرن ۾ وڌائون، ۽ پراڻا ڪپڙا بت تي ڍڪيائون؛ ۽ جيڪا ماني پاڻ سان سمر ڪري کنيائون سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:5
7 Iomraidhean Croise  

پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


شال سندن شهرن جي درن ۾ لوهہ ۽ پتل جا گز لڳل هجن، تان‌تہ اهي هميشہ هميشہ تائين محفوظ رهن.“


پوءِ هنن يشوع کي چيو تہ ”جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين تنهن ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي جيڪا اسان پنهنجي گھران ٻڌي کنئي هئي، پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي.


جڏهن اسان هي مئي جون سانداريون ڀريون هيون تڏهن اهي نيون هيون، پر هاڻي ڏسو تہ اهي ڦاٽي پيون آهن. هي اسان جا ڪپڙا ۽ اسان جون جتيون تمام ڊگھي سفر ڪرڻ ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.“


تڏهن هنن هڪ چالاڪي ڪئي ۽ ڪجھہ ماڻهو چونڊي کين ايلچين جو ويس ڍڪرايائون. هنن پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا ۽ مئي جون پراڻيون، ڦاٽل ۽ ٽوپو ڏنل سانداريون رکيون.


پوءِ هو جِلجال واري خيمي‌گاهہ ۾ يشوع وٽ آيا ۽ هن کي ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون تہ ”اسين هڪڙي ڏورانهين ملڪ کان آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اسان سان عهد ڪريو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan