Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن هنن هڪ چالاڪي ڪئي ۽ ڪجھہ ماڻهو چونڊي کين ايلچين جو ويس ڍڪرايائون. هنن پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا ۽ مئي جون پراڻيون، ڦاٽل ۽ ٽوپو ڏنل سانداريون رکيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن هنن چالاڪي ڪري پاڻ کي ايلچين وانگر تيار ڪيو، ۽ پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا کنيائون، ۽ پراڻيون ڦاٽل شراب جون سانداريون انهن تي ٻڌائون؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:4
12 Iomraidhean Croise  

تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي دغابازيءَ سان جواب ڏنو، ڇو تہ سڪم سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو لُٽي هئي.


جيتوڻيڪ منهنجو حال ڀڳل ٺڪر جهڙو اچي ٿيو آهي، تڏهن بہ مون تنهنجي قانونن کي ڪين وساريو آهي.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“


ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


پوءِ هنن يشوع کي چيو تہ ”جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين تنهن ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي جيڪا اسان پنهنجي گھران ٻڌي کنئي هئي، پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي.


جڏهن اسان هي مئي جون سانداريون ڀريون هيون تڏهن اهي نيون هيون، پر هاڻي ڏسو تہ اهي ڦاٽي پيون آهن. هي اسان جا ڪپڙا ۽ اسان جون جتيون تمام ڊگھي سفر ڪرڻ ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.“


پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


هنن پراڻيون ۽ چتيون لڳل جتيون پيرن ۾ پاتيون ۽ پراڻا ڪپڙا پهريائون. جيڪا ماني پاڻ سان هنن کنئي سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan