Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:3
17 Iomraidhean Croise  

ابنير ولد نير ۽ سائول جي پٽ اشبوست جا چونڊ ماڻهو محنايم شهر مان نڪري جِبعون ڏانهن ويا.


اسماعيہ جِبعوني، جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ هڪ ناليوارو بهادر هو ۽ انهيءَ ٽولي جي وڏن مان هڪ هو، ان کان علاوہ يرميہ، يحزيئيل، يوحنان ۽ يوزباد جيڪي جديراتي هئا،


”اوهين سڀ مون سان گڏجي جِبعون واري مقدس هنڌ ڏانهن هلو.“ هو اوڏانهن ان ڪري ويا جو اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو لڳل هو، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.


ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ


يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن.


تڏهن يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي جي ماڻهن کي انهيءَ تي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇاڪاڻ تہ جِبعون شاهي شهرن وانگر هڪ وڏو شهر هو. اهو عئي شهر کان وڏو هو ۽ اتي جا سڀ ماڻهو سٺا جنگجو هئا.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


خداوند اهو شهر بہ انهيءَ جي بادشاهہ سميت بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو. جيڪي ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. يشوع انهيءَ شهر جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪيو جيئن يريحو شهر جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


حوي جيڪي جِبعون ۾ رهندا هئا تن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ اهڙو شهر ڪونہ هو جنهن بني اسرائيل سان امن جو معاهدو ڪيو هجي. اهي سڀيئي علائقا جنگ ۾ فتح ڪيا ويا هئا.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: جِبعون، رامہ، بِيروت،


بنيامين جي قبيلي مان کين هي شهر ڏنائون: جِبعون، جِبع،


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


پوءِ يشوع انهن جِبعون ۾ رهندڙن کي گھرايو ۽ کين چيائين تہ ”ڇو اوهان هي چئي اسان سان دوکو ڪيو آهي تہ ’اسين اوهان کان پري ٿا رهون،‘ جڏهن تہ حقيقت ۾ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهو ٿا؟


تڏهن هنن هڪ چالاڪي ڪئي ۽ ڪجھہ ماڻهو چونڊي کين ايلچين جو ويس ڍڪرايائون. هنن پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا ۽ مئي جون پراڻيون، ڦاٽل ۽ ٽوپو ڏنل سانداريون رکيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan