Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:27 - Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربان‌گاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربان‌گاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 ۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:27
9 Iomraidhean Croise  

اسين لبنان جي جبلن مان ايترو ڪاٺ وڍينداسون جيترو اوهين گھرندا. اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري يافا شهر جي بندر تائين آڻينداسون. پوءِ اُهو اوهين اُتان يروشلم ڏانهن کڻائي وڃجو.“


جيڪي جنگي جوان جنگ تي ويا هئا، تن جي حصي منجھان، خواهہ اهو قيدي ماڻهن جو حصو هجي توڙي ڍورن ڍڳن جو، گڏهن جو حصو هجي توڙي رڍن ٻڪرين جو، تنهن مان هر پنجن سون تي هڪڙو مون خداوند جي خاص نذراني طور اُڳاڙ.


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


موسيٰ انهيءَ اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ جانورن مان ڪڍي جيئن خداوند فرمايو هو تيئن لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي مقدس خيمي جي سنڀال ٿي ڪئي.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


سو کين جيئرو رهڻ ڏيو، پر هو سڄيءَ قوم لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪي ٿي رهندا.“ اهڙيءَ طرح اڳواڻن جي قسم جو ڀرم رکيو ويو.


سو يشوع هيئن ڪيو جو انهن کي بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين ۽ هنن کين قتل نہ ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan