Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:25 - Muslim Sindhi Bible

25 هاڻي اسين اوهان جي هٿ ۾ آهيون. جيئن توهان کي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڀلي اسان سان ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 ۽ هاڻي ڏس، اسين تنهنجي هٿ ۾ آهيون: جيئن توکي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي، تيئن اسان سان ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:25
12 Iomraidhean Croise  

ابرام جواب ڏنو تہ ”چڱو، هوءَ تنهنجي ٻانهي آهي ۽ تنهنجي هٿ ۾ آهي. سو جيئن تو کي وڻي تيئن تون ساڻس ڪر.“ پوءِ سارائيءَ هاجرہ کي ايتري تہ تڪليف ڏني جو هوءَ ڀڄي نڪتي.


پر جيڪڏهن هن چيو تہ ’آءٌ تو مان خوش نہ آهيان،‘ تہ پوءِ اِجھو، آءٌ تيار آهيان. جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.“


دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“


سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


باقي رهيس آءٌ، سو آءٌ تہ اوهان جي هٿ ۾ آهيان، اوهين جيئن مناسب سمجھو تيئن مون سان ورتاءُ ڪريو.


تنهن تي صدقياہ بادشاهہ کين وراڻيو تہ ”هو اوهان جي حوالي آهي، آءٌ اوهان جي راءِ جي مخالفت ڪري نہ ٿو سگھان.“


هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


سو يشوع هيئن ڪيو جو انهن کي بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين ۽ هنن کين قتل نہ ڪيو.


تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ ”اسان برابر گناهہ ڪيو آهي. تنهنڪري جيڪي تو کي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر، پر مهرباني ڪري اڄ اسان کي بچاءِ.“


پوءِ جِدعون سڪات جي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو، هي آهن اهي زبح ۽ ضلمنع، جن جي باري ۾ توهان مون تي ٺٺولي ڪري چيو هو تہ ’ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي ويا آهن جو اسين تنهنجي ٿڪل لشڪر کي کاڌو ڏيون؟‘“


تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan