2 تڏهن هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ هڪ صلاح ٿي يشوع ۽ بني اسرائيل سان جنگ ڪن.
2 تڏهن هو سڀ گڏجي هڪ صلاح ٿي، يشوع ۽ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ سنبريا.
يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.
ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.
”جن سڀني ڳالهين کي هيءَ قوم سازش چوي ٿي، تن کي اوهين سازش نہ چئو. جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا، تن کان اوهين نہ ڊڄو. هائو، اوهين بلڪل نہ گھٻرايو.
تنهنڪري امورين جي پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم، حبرون، يرموت، لڪيس ۽ عجلون جي بادشاهن پنهنجيون فوجون گڏ ڪيون. پوءِ هنن وڃي جِبعون کي گھيري هيٺ آندو ۽ مٿس حملو ڪيو.
جڏهن حصور شهر جي بادشاهہ يابين اهو ٻڌو تڏهن هن هنن بادشاهن کي سڏائي ورتو: مدون جو بادشاهہ يوباب، سمرون جو بادشاهہ ۽ اڪشاف جو بادشاهہ،
انهن سڀني بادشاهن پنهنجيون پنهنجيون فوجون آڻي گڏ ڪيون ۽ ميروم نديءَ وٽ هڪ هنڌ تنبو کوڙيائون تہ جيئن بني اسرائيل سان گڏجي جنگ ڪن.
پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني.
اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.