Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر بني اسرائيل انهن تي حملو نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ قوم جي اڳواڻن انهن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو انهيءَ بابت اڳواڻن خلاف ڪُرڪڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:18
11 Iomraidhean Croise  

دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.


خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.


پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تان‌تہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.


بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.


جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري


پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي.


جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي انگورن جي باغ ۾ وڃو، تہ جيترا انگور اوهان کي وڻن اوترا کائي پيٽ ڀريو، پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪجھہ بہ کڻي نہ وڃجو.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


پر انهن اڳواڻن کين وراڻيو تہ ”اسان هنن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو آهي، انهيءَ ڪري هاڻي اسين هنن کي هٿ لائي نہ ٿا سگھون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan