Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن انهن جي کاڌي مان رسمي طور ڪجھہ کائيندي هنن کي قبول ڪيو، پر انهيءَ باري ۾ خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:14
17 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“


پوءِ اتي اهوا واهہ وٽ مون روزو رکڻ جو اعلان ڪيو، تہ جيئن اسين پنهنجي خدا جي آڏو عاجزي ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون تہ اسان لاءِ ۽ اسان جي ٻارن ٻچن لاءِ سلامتيءَ واري راهہ ڏيکاري ۽ اسان جي مال ملڪيت جي سلامتي هجي.


مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ تون سينابند ۾ اُوريم ۽ ٿُميم وجھائي ڇڏج. جڏهن هارون مون خداوند جي آڏو حاضر ٿئي تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن. اهڙيءَ طرح هارون بني اسرائيل بابت منهنجي مرضيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل جي مٿان هميشہ مون خداوند جي آڏو کنيو رهي.“


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


جڏهن اسان هي مئي جون سانداريون ڀريون هيون تڏهن اهي نيون هيون، پر هاڻي ڏسو تہ اهي ڦاٽي پيون آهن. هي اسان جا ڪپڙا ۽ اسان جون جتيون تمام ڊگھي سفر ڪرڻ ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.“


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan