Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن اسان هي مئي جون سانداريون ڀريون هيون تڏهن اهي نيون هيون، پر هاڻي ڏسو تہ اهي ڦاٽي پيون آهن. هي اسان جا ڪپڙا ۽ اسان جون جتيون تمام ڊگھي سفر ڪرڻ ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ هي شراب جون سانداريون جڏهن اسان ڀريون هيون، تڏهن نيون هيون؛ ۽ هاڻي ڏس تہ هي ڦاٽي پيون آهن: ۽ هي اسان جا ڪپڙا، ۽ اسان جون جُتيون، تمام وڏي سفر ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 9:13
8 Iomraidhean Croise  

نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“


ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“


ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا.


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


پوءِ هنن يشوع کي چيو تہ ”جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين تنهن ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي جيڪا اسان پنهنجي گھران ٻڌي کنئي هئي، پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي.


تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن انهن جي کاڌي مان رسمي طور ڪجھہ کائيندي هنن کي قبول ڪيو، پر انهيءَ باري ۾ خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


تڏهن هنن هڪ چالاڪي ڪئي ۽ ڪجھہ ماڻهو چونڊي کين ايلچين جو ويس ڍڪرايائون. هنن پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا ۽ مئي جون پراڻيون، ڦاٽل ۽ ٽوپو ڏنل سانداريون رکيون.


هنن پراڻيون ۽ چتيون لڳل جتيون پيرن ۾ پاتيون ۽ پراڻا ڪپڙا پهريائون. جيڪا ماني پاڻ سان هنن کنئي سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan