تڏهن اڃا رات ئي هئي جو بادشاهہ اٿيو ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ ارامين ڇا رٿيو آهي! هنن کي خبر آهي تہ هتي اسان وٽ ڏڪار آهي، تنهنڪري هو خيميگاهہ مان نڪري جھنگ ۾ وڃي لڪا آهن. سندن خيال آهي تہ پڪ اسان کاڌي جي تلاش ۾ شهر مان نڪرنداسين، تڏهن هو اچي اسان کي جيئرو پڪڙيندا ۽ شهر تي قبضو ڪندا.“