يشوع 8:33 - Muslim Sindhi Bible33 سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو. Faic an caibideilSindhi Bible33 ۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن. Faic an caibideil |
جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.