Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 8:24 - Muslim Sindhi Bible

24 بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 8:24
6 Iomraidhean Croise  

پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي.


پر رڳو عئيءَ جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو ۽ کيس يشوع وٽ وٺي آيا.


جيستائين عئي شهر جو هر شخص ماريو نہ ويو تيستائين يشوع پنهنجو نيزو عئي شهر ڏانهن ڊگھيري رکيو. تنهن ڏينهن عئي شهر جا سڀ رهاڪو، يعني ٻارهن هزار مرد ۽ عورتون ماريا ويا.


سو هو بني اسرائيل جي ماڻهن کي پٺ ڏيئي بيابان واري رستي سان وٺي ڀڳا. تڏهن بہ بني اسرائيل انهن جو پيڇو نہ ڇڏيو ۽ جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ پهچي چڪا هئا سي بہ ٻاهر نڪري مٿن اچي ڪڙڪيا ۽ انهن کي اتي ئي ناس ڪندا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan