جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ هئا سي پڻ جنگ ڪرڻ لاءِ شهر مان نڪري پيا، اهڙيءَ طرح عئي شهر جا ماڻهو بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦاسي پيا. بني اسرائيل جي ماڻهن انهن سڀني کي ماري ڇڏيو. انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو ۽ نہ ئي وري ڪو ڀڄي نڪتو.
بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون.