Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 8:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ هئا سي پڻ جنگ ڪرڻ لاءِ شهر مان نڪري پيا، اهڙيءَ طرح عئي شهر جا ماڻهو بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦاسي پيا. بني اسرائيل جي ماڻهن انهن سڀني کي ماري ڇڏيو. انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو ۽ نہ ئي وري ڪو ڀڄي نڪتو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ جيڪي شهر ۾ هئا سي هنن کي گڏجڻ لاءِ شهر مان نڪتا؛ انهي طرح هو اسرائيل جي وچ ۾ اچي پيا، ڪي هن پاسي ۽ ڪي هن پاسي: ۽ هنن انهن کي ايتري قدر ماريو، جو اُنهن مان هڪڙو بہ باقي ڪونہ بچيو، يا ڀڄي ڇٽو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 8:22
10 Iomraidhean Croise  

’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


جڏهن يشوع ۽ سڄي بني اسرائيل ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر تي قبضو ڪيو آهي ۽ شهر مان دونهون اُٿي رهيو آهي، تڏهن انهن ڦري عئيءَ جي ماڻهن کي مارڻ شروع ڪيو.


پر رڳو عئيءَ جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو ۽ کيس يشوع وٽ وٺي آيا.


جڏهن اوهين شهر تي قبضو ڪري وڃو، تڏهن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ڇڏجو. ائين ئي ڪجو جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي. ياد رکو، مون اوهان کي اهو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan